بگي ديهه

بَگِي ديهه: ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ هڪ ديهه. جنهن ۾ ٻه ڳوٺ آباد آهن. هڪڙو ’اسٽيشن حبيب ڪوٽ‘ ۽ ٻيو ’ڳوٺ ملڪ‘. هن نالي سان ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ ديهه پڻ آهي. جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آهن؛ ’امام بخش ساريو‘، ’ابڙا ڳوٺ‘، ’مڱياڻي‘، ’ٻنڊي‘، ’گلڻ واهڻ‘، ’سرهيو ساريو‘، ’بگي‘، ’لال بخش شيخ‘، ’حاجي مشوري‘، ’ڍينگ‘، ’گل محمد بروهي‘، ’ڍنڍ‘، ’مير بحر‘ ۽ ’رسول بخش ماڇي‘ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو